اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سگريٽ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ ملڪ ۾ سگريٽ جي سمورن ڪارخانن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ل??ائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ص??ار?? ۾ ملڪ ۾ سگريٽ سازي جي صنعت ۾ خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ، پوائنٽ آف سيلز ۽ مجموعي طور تي ٽيڪس جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اسمگلنگ ۽ غيرقانوني سگريٽ جي وڪري جي روڪٿام ۾ ايف بي آر کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪيو وڃي. هن ملڪ جي سمورن وڏن شعبن ۾ خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته بارڊر ڪراسنگ تي سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن جي ٽينور پوسٽنگ ڪئي وڃي. هن پڇاڻو ڪيو ته سمورين شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ڇو نه هنيو ويو؟ وزيراعظم شگر ملز تي هيستائين خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه لڳڻ جي لاءِ ذميوارن جو تعين ڪري انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته ٽيڪس چوري ڪندڙ عنصرن ۽ انهن جي ڪ??رندن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي، ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي چوري ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪ?? رعايت نه ڏني ويندي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي حوالي سان قانوني ۽ عدالتي ڪ??رروائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سگريٽ جي ڪ??رخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اڪثر فيڪٽرين تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ل??ايو ويو آهي جڏهن ته باقي تي ان کي لڳائڻ جو عمل جاري آهي، آزاد ڪشمير ۾ موجود فيڪٽرين تي ان کي لڳائڻ جي لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اجلاس کي ايف بي آر پاران غيرقانوني سگريٽ جي وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر 7 لک نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي پنهنجي ٽيڪس نيٽ ۾ آن??و آهي ۽ هلندڙ سال پنهنجي هدف کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. اجلاس کي شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورين شگر ملز ۾ هيستائين خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه هڻڻ تي ڪ??وڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته معيشت جي سمورن وڏن سيڪٽرز ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ل??ائڻ جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. ان قدم سان ملڪي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ بهتري ايندي ۽ ملڪي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم ايندڙ ٻن هفتن ۾ انهن قدمن تي مثبت اڳڀرائي ڪ??ي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهازيب خان، طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سگريٽ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ سگريٽ جي ڪارخانن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا