اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ??نه?? جي ضرورتن ۽ معذورين کي نظر ۾ رکندي ??نه?? جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي پنهنجي روزاني جن سرگرميون سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻائڻ گهرجي ۽ معاسرتي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ سماجي، اقتصادي ۽ ڍانچاجاتي رڪاوٽن کي ختم ڪري ??نه?? کي برابر جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جا موقعا فرا??م ڪيا وڃن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز، ڪيٽي، سائٽ ۽ ڪورنگي ايسوسيئيشنز جهڙن ڪاروباري تنظيمن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ ??نه?? جي مختلف مقرر لاڳاپيل ڌرين خاص طور تي ڪاروباري برادري جي ذميواري بابت معاشري ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سماجي ۽ اقصادي سرگرمين جي مرڪزي ڌارا ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز خاص طور تي معذ??ري ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻائي پاڪستان جي معاشري کي جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها خصوصي ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل خاص طور تي ڪاروباري مرڪزن، صنعتي علائقان، مالياتي مرڪزن، بئنڪن، واپاري علائقن ۽ بازارن ۾ وهيل چيئر فرينڊلي ريمپ ٺاهي ??نه?? جي چرپر ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ ڪم جي جاين تي ??نه?? جي لاءِ دوستاڻو ۽ سازگار ماحول يقيني بڻايو وڃي. صدر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ??نه?? سان باعزت سلوڪ ڪرڻ ۽ همدردي سان پيش اچڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي اڳتي اچن ۽ ان نيڪ مقصد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن کي هنر ۽ ضر??ري تربيت فرا??م ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اهي پاڻڀرا ۽ مالي طور تي خودمختيار بڻجي سگهن. خاون اول بيگم ثمينه علوي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ سهولتن جي حوالي سان آگاهي مهم بابت آگاهه ڪيو.
خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔