اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان جي ??ادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب وز??ر عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پ??ڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر دوري دوران افغانستان جي عبوري حڪومت جي پ??ڏيهي وز??ر امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، وا??ار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي ويندي. مملڪ??ي وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي وئي
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔