ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) بلو??ست??ن ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلو??ست??ن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي شروعات صو??ائي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، ڪوئيٽا گريزن سميت سڄي صو??ي ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ جي ترقي، سلامتي، يڪجهتي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، بلو??ست??ن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي تقريب ڪوئيٽا ۾ صو??ائي اسيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلو??ست??ن جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جي شروعات ڪئي، ان ۾ صو??ائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي بلو??ست??ن جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيل هي ملڪ الله تعاليٰ جي نعمت آهي اسان کي گڏجي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ذات پات، قوميت، سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون مان نڪري هڪ قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ ڪير به ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي.
پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون: بلوچستان جي وڏي وزير جو آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات