اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي بدترين م??اش?? پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا م??اش?? چئلينج درپيش آهن، معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ دليراڻن فيصلن کان پاسو نه ڪنداسين، ڏينهن رات محنت سان قوم کي م??اش?? مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، انشاءَ الله سٺو وقت به ايندو. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم بدقسمتي سان اڳوڻي حڪومت جي بدترين م??اش?? پاليسين، بي انتها ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪم عقلي جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي. هي اسان جي لاءِ تمام وڏو م??اش?? چئلينج آهي جيڪو اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي پيٽروليم جون قيمتون جيڪي پوري دنيا ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، گهٽ ڪري ايندڙ حڪومت جي لاءِ ڄار وڇاي??. ا??و بدنيتي تي ٻڌل قدم هو. جيڪڏهن اڳوڻن حڪمرانن کي عوام جو ايترو ئي درد هجي ها ته 3 سالن ۾ ڪو سٺو مثال قائم ڪن ها ۽ عوام جي حقيقي ڀلائي جي لاءِ ڪجهه ڪن ها. عالمي سطح تي ڳنڀير صورتحال درپيش آهي ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اسان کي به مجبوري ۾ قيمتون وڌائڻيون پيون پر ان سان گڏ اسان 7 ڪروڙ غريب ماڻهن جي لاءِ ريليف جو به اعلان ڪيو ۽ بي آء?? ايس پي جي ذريعي 2000 رپيا ماهوار ملڪ جي ڪروڙين غريب ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اهو فيصلو بجيٽ ۾ عريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو. سرندي وارن طبقن تي ٽيڪس هنيو ويو ته جيئن عام ماڻهو کي اهو احساس ٿئي ته انهن جي حڪومت انهن جو بار ونڊڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته آئ??ن اميد ڪريان ٿو ته ملڪ جو امير طبقو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي حڪومت جو ساٿ ڏيند??. ا??ڙي طرح حڪومت وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري غريبن تي خرچ ڪري سگهندي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي نڀائينداسين. اسان دليراڻا فيصلا ڪيا آهن وڌيڪ به ڪرڻا پوندا ته ڪنداسين ۽ معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ ڪو به ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين. وزيراعظم چيو ته مشڪل ??يصلن کانپوءِ سٺو وقت به ايندو. مشڪل ??يصلا اسان جي مجبوري آهي. اسان محنت سان ڪم ڪنداسين ۽ نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت آء?? ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو پاڻ ئي ان جون ڌڄي??ن اڏايون. معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي ڪري اڄ م??اش?? مشڪلاتون درپيش آهن. اسان ڏينهن رات محنت جي ذريعي قوم کي ان مشڪل ??قت مان ڪڍنداسين.
اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي چئلينج درپيش آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا