اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس پوري ٽيم کي هڪ متوازن، ترقي تي ٻڌل ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مالي طور تي درپيش چئل??نج?? ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ جي تياري انتهائي ڏکيو ڪم هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ فنڊز ۾ اضافو ڪيو آهي، بينظير اسڪالرشپ پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ شاگردن تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته حڪومت معاشري جي مالي طور تي ڪمزور طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ منهنجي سوچ اها آهي ته مالي لحاظ کان مضبوط ماڻهن کي ٽيڪسن جي ادائيگي جي ذريعي قومي خزاني جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراع??م چيو ته حڪومت سولر پينلز جي درآمد ۽ پهچ تي ٽيڪس زيرو ڪري ڇڏيو آهي، زرعي مشينري ۽ مداخل جي درآمد تي پڻ ٽيڪس ٻڙي ڪيو ويو آهي، اهو آبادگارن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ تمام اهم قدم آهي. وزيراع??م چيو ته اقتصادي ۽ انتظامي جي تازن سالن جي ڪري اسان کي مشڪل کي منهن ڏيڻو پيو آهي، هن بجيٽ جي ذريعي منهنجي حڪومت مشڪل فيصلن ذريعي چئل??نج?? تي ضابطو آڻيندي ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن تي انهن مشڪل فيصلن جي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪيو ويندو. وزيراع??م چيو ته عوام جي مشلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت گهريلو صارفين کي سولر پينلز فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مون ڊسمبر تائين ڏکڻ بلوچستان ?? ٽرانسميشن لائينز جو ڪم مڪل ڪرڻ ۽ جامع آف گرڊ سسٽم جو منصوبو بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
وزيراعظم پاران ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa