ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو، والاريل ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي، روس ۽ يوڪرائن جي وچ ۾ تازي ترين صورتحال افسوسناڪ آهي، پاڪستان سفارتڪاري سان ان جي حل جي اميد ڪر?? ٿو، تڪرارن جو حل ڳا??هين ۽ سفارتڪاري سان ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب روس جي دوري جي موقعي تي ڪريملن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، ٻطرفي مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تازي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳا??هه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان اطمينان جو اظهار ڪ??و ته مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم چ??و ته لاڳاپن ۾ ڀروسو ۽ گرمجوشي شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي اهميت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي جي آهي، ٻنهي اڳواڻن توانائي سان لاڳاپيل ٻين منصوبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن گهڻ رخن لاڳاپن جي عزم کي ورجايو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني بحران کي فوري حل ڪرڻ ۽ معاشي تباهي جي روڪٿام جي ض??ور?? تي زور ڏنو. هن ان عزم کي ورجا??و ته پاڪستان دنيا سان گڏجي هڪ مستحڪم، پرامن ۽ ٺوس افعانستان جي لاءِ ڪم جاري رکندو. ان ڏس ۾ هن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت تازي جاري تعاون ۽ رابطن جي ض??ور?? تي زور ڏنو. سائوٿ ايشيا جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنجيده صورتحال کي اجاگر ڪندي چ??و ته والاريل ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي ض??ور?? آهي. وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي پهچندڙ نقصان جي حوالي سان چ??و ته علائقائي توازن کي برقرار رکڻ ۾ معاون قدم کنيا وڃن. وزيراعظم روس ۽ يوڪرائن جي تازه ترين صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي چ??و ته پاڪستان اميد ڪر?? ٿو ته فوري تڪرار کي سفارتڪاري سان حل ڪري سگهج?? ٿو. هن چ??و ته تڪرار ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي ۽ تڪرار جي صورت ۾ سدائين اسرندڙ ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا. هن چ??و ته پاڪستان چاه?? ٿو ته تڪرار ڳا??هه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ٿين. دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۽ انتهاپسندي جي وڌندڙ رجحانن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم زور ڏنو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل بقاءَ جي ض??ور?? آهي. صدر پيوٽن جي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي وابستگي جي حساسيت ۽ احترام کي سمجهڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چ??و ته معاشرن جي اندر ۽ انهن جي وچ ۾ امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمورن مذهبن جو احترام ضروري آهي. وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي روس جي دوري تي آهي. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ آهن.
پاڪستان روس سان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو، والاريل ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔