اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ”راست“ نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، راست ??روگرام سان غربت جي خاتمي ۾ به مدد ملندي، بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ سان ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو. پاڪستان جي پهرين فوري ڊيجيٽل ادائ??گي جي نظام ”راست“ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم راست ??ظام جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ کي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته راست ??ظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، ان سان ادائيگين جي نظام کي محفوظ ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم چي?? ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ انهن مان به 70 سيڪڙو ٽيڪس رڳو 3 هزار ماڻهو ڏين ٿا، گهٽ روينيو جي ڪري اسان ملڪي تعمير ۽ ترقي تي وڌيڪ خرچ نه ٿا ڪري سگهون.
”راست“ نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر