ڪوئيٽا – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي، اسا?? جو ڪم حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، بلوچستان ۾ نواز شريف جي اعلان ڪيل سمورن منصوبن تي ڪم جاري رکنداسي??، ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، حڪومت صوب?? جو ترقياتي فنڊ 1200 ارب رپين مان وڌائي 1900 ارب رپيا ڪري ڇڏيو، صوبي ۾ موجوده حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهن، ڪنهن صوبي سان ڪنهن ناانصافي ۽ تعصب جي قطعي گنجائش نه آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي هر ضلعي کي گئس جي فراهمي لاءِ م??مد نواز شريف جي ترقياتي ويزن تحت جاري اسڪيمون هل??دڙ سال مڪمل ڪيو وينديون جن تي 15 ارب رپيا لاڳت ايندي جڏهن ته ٽيوب ويلن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٽن فيز ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تي پڻ هل??دڙ سال ڪم شروع ڪيو ويندو.
ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا