واشنگٽن- 21 جون (اي پي پي) آمريڪي نمائندن واري ايوان صدر جوبائيڊن تي زور ڀريو آهي ته هو ??ارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ۾ ملڪ ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو اٿاري. برطانوي خابرو اداري موجب حڪومتي پارٽي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي 75 پارليامينٽ جي ميمبرن آمريڪي صدر جي نالي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ ڀارت ۾ مذهبي عدم برداشت، معلومات تائين پهچ، انٽرنيٽ جي بندش ۽ سول سوسائٽي جي گروپن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ جي ميمبرن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڪنهن هڪ مخصوص پارٽي يا اڳواڻ جا حامي ناهيون، ان جو فيصلو ڀارتي عوام ئي ڪند?? آ??ي تنهن هوندي به اسان ڪجهه اصولن جي حمايت ڪريون ٿا جيڪ?? آ??ريڪي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي حصو هجڻ گهرجن. ان خط تي 75 ميمبرن جون صحيحون موجود آهن جيڪي اڱاري تي وائيٽ هائوس موڪليو ويو. خط ۾ آمريڪي صدر کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ويو ته ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات دوران اوهان انهن سمورن اهم معاملن تي کلي ڳالهايو جيڪي ٻنهي ملڪن ۾ ڪامياب، مضبوط ۽ ڊگهي مدي واري لاڳاپن لاءِ ضرور?? آ??ن. پارليامينٽ جي ميمبرن اهو به چيو آهي ته هو نريندي مودي جي استقبال جي موقعي تي جوبائيڊن جو ساٿ ڏيندا ۽ ٻنهي ملڪن ۽ سندن عوام وچ ۾ هڪ ويجهي ۽ خوشگوار لاڳاپا آ??ن ٿا. دوستي گڏيل قدرن تي هموار هوند?? آ??ي ۽ دوست کليل طريقي سان پنهنجي اختلافن تي ڳالهه ڪري سگ??ن ٿا ۽ ايئن هجڻ گهرجي. جتي اوهان ڀارتي وزيراعظم سان گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪندا اتي ڪجهه خدشن به ان جي سامهون رکندا. نريندر مودي 2014ع ۾ ڀارت جو وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ پنج ڀيرا آمريڪا جو ??ور?? ڪري چڪو آهي تنهن هوندي به ڀارت ۾ سندس هندو قوم پرست پارٽي بي جي پي جي حڪومت دوران انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جي باوجود هي سندس پهريون ??ور?? آهي جيڪو مڪمل طور تي سفارتي حيثيت رکندڙ آهي.
صدر جوبائيڊن ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو اٿاري: آمريڪي نمائندن واري ايوان پاران جوبائيڊن کي خط
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ