اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 10 لک نوجوانن کي آن لائين پروگرام جي ذريعي آءِ ٽي جي مهارتن کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ ”ڊيجي اس??لز پروگرام“ جو آ??از ڪندي خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت ان قدم جي لاءِ نجي شعبي کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، براڊ بينڊ جي سهولت جلد پوري ملڪ ۾ دستياب هوندي، صنعتن ۽ ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ذريعي خرچن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ بهتر نتيجا ح??صل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، حڪومت ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هو وزيراعظم آفيس ۾ ورچوئل يونيورسٽي ۽ اگنائٽ – نيشنل ٽيڪنالاجي فن?? جي گڏيل سهڪار سان نوجوانن جي لاءِ شروع ڪيل ڊيجي اس??لز پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2