برسلز-03 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريش کي اسرائيل طرفان اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ملڪ ۾ دا??لا بند ڪرڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب جوزف بوريل ايڪس اڪائونٽ تي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ان خلاف ٿيل غير منصفاڻن حملن ۽ گڏيل قومن جي انساني همدردي وارن معاملن سان سلهاڙيل ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ جاني نقصان ٿيڻ جي سخت مذمت ڪري??ن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي وچ اوڀر سميت سمورن تڪراري علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس بي پناهه ڪوششن جي حمايت ڪري??ن ٿا. يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل به سوشل ميڊ??ا تي چيو ته اسان گڏيل قومن پاران امن جي قيام جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪري??ن ٿا.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ