جنيوا-24 جولاءِ(اي پي پي) روس چيو آهي ته آمريڪي حڪومت ائٽمي تجربن تي پابندي واري جامع معاهدي سي ٽي بي ٽي جي توثيق ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿو رکي. ميڊيا رپورٽن موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي هٿيارن جي ڪنٽرول واري اداري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ميخائل ڪونڊرا ٽينڪوف ائٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي معاهدي جي ڌرين جي 11هين ڪانفرنس جي حوالي سان ڪميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ ٻڌايو ته روس جو خيال آهي ته آمريڪا پاران 1999 کان ??وء?? ان سلسلي ۾ ڪو به عملي قدم نه کڻڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا سي ٽي بي ٽي ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿو رکي. ميخائل ڪونڊرا ٽينڪوف ٻڌايو ته آمريڪي ڪانگريس مختلف بهانن کي بنياد بڻائي هن وقت تائين معاهدي جي توثيق کان انڪار ڪيو آهي جنهن کان ??وء?? اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته آمريڪي اسٽيبلش??ين?? سي ٽي بي ٽي جي توثيق ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿي رکي، روس جي عهديدار جو چوڻ هو ته تازو ئي روس سي ٽي بي ٽي جي عالمي مانيٽرنگ سسٽم جي پنهنجي ح??ي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا سي ٽي بي ٽي جي توثيق ڪري ٿو ته روس پڻ ان جي توثيق جي معاملي تي واپس وڃڻ لاءِ تي??ر آهي.
آمريڪا سي ٽي بي ٽي جي توثيق ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿو رکي: روس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق