اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي آفيس (يو اين او سي اي) والاريل فلسطيني عل??ئق?? لاءِ 2.822 بلين آمريڪي ڊالر امداد حاصل ڪرڻ جي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. شنهوا مطابق يو اين او سي ايچ اي چيو ته اها رقم سال جي آخر تائين بيت ا??مقدس سميت غزه ۽ اولهندي ڪناري جي 3.1 ملين ??اڻهن کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي. آفيس چيو ته ان ردعمل لاءِ اسانکي زمين تي آپريٽنگ حالتن ۾ وڏيون تبديليون ڏسڻ جي ضرورت آهي. انساني همدردي تنظيمن کي غزه جي پٽي ۽ اولهندي ڪناري ۾ ضرورتمند سمورن ماڻهن تائين ??حفوظ ۽ مستقل پهچ هجڻ گهرجي. آفيس چيو ته اسانکي غزه ۾ زميني رستي کان وڌيڪ داخلي ۽ سپلاءِ جي رستن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ان کي غزه اندر پنهنجي چر پر، امدادي ڪارڪنن لاءِ ويزا ۽ اجازت نامي جي پڻ ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea