نئين دهلي-26 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت پنهنجي اولهندي سمنڊ ويجهو واپاري سا??ونڊي جهاز ايم وي ڪيم پلوٽو تي مبينه ڊرون حملي بعد عربي سمنڊ ۾ 3 جنگي جهاز بيهاري ڇڏيا آهن. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ ڀارتي سا??ونڊي فوج جي ڌماڪيدار مادي کي ناڪارا بڻائيندڙ ٽيم لائبيريا ۾ رجسٽرڊ ايم وي ڪيم پلوٽو جي ممبئي بندرگاهه تي آمد وقت ان جو تفصيلي معائنو ڪيو. ڀارت جي سا??ونڊي فوج عربي سمنڊ ۾ واپاري جهازن تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي انهن جي نگراني??َ لاءِ پي 81 لانگ رينج پيٽرول ايئر ڪرافٽ ۽ گائيڊڊ ميزائل دسٽرائر آءِ اين ايس مورموگاؤ، آءِ اين ايس ڪوچي ۽ آءِ اين ايس ڪولڪته کي خطي ۾ سا??ونڊي جهاز تي تيار حالت ۾ رکيو ويو آهي. ايم وي ڪيم پلوٽو جي عملي جي 21 ميمبرن جو تعلق ڀارت ۽ هڪ جو ويٽنام سا?? آهي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ