ريا?? -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت آفيشل اڪائونٽ ذريعي ضيوف الرحمان جي استقبال ۾ هڪ سينيما فلم جو آغاز ڪري ورتو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق اها فلم حج جا رڪن ادا ڪرڻ جي تياري جي موق??ي تي پيش ڪئي ويندي. حج ۽ عمري بابت وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن بعد سڄي دنيا مان لکين مسلمان ان عظيم تلبيه جو ورد ڪندا سعودي عرب اتان جي حڪومت ۽ عوام حاجين جي ميزباني لاءِ تياري ڪ??ي ورتي آهي. ان موق??ي تي هن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن ??لمان جا ٿورا به مڃيا جن جي خاص هدايتن تحت حاجين جي ميزباني بابت تيارين جون ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته اسان 160 ملڪن مان 20 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن جي ميزباني جي تياري ڪ??ي ورتي آهي. ان سلسلي ۾ 9 اسٽيشون ۽ 17 ريل گاڏيون به ان خدمت ۾ شامل ه??نديون جڏهن ته 24 هزار بسون به ان خدمت جي ٻيڙي ۾ شامل آهن. منيٰ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو خيما شهر ٺاهيو ويو آهي ان خيما وسندي جي ايراضي 21 لک 92 هزار چورس ميٽر آهي.
سعودي دنيا کان ايندڙ 20 لک حج پانڌيئڙن جي ميزباني جي تياري ڪري ورتي آهي: سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ