اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين، هائوسنگ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ صحت جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان اسپتالون قائم ڪرڻ جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم صوب?? کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي صوبائي فنانس ڪميشن جوڙين ته جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ممڪن ٿي سگهي، وفاقي ڪابينا جي هيستائين 93 اجلاسن ۾ 1759 فيصلا ڪيا ويا جن مان 1579 تي ع??لد??آمد شروع ٿي چڪو آهي، 28 فيصلن تي ع??لد??امد ۾ دير آهي جڏهن ته 46 فيصلا ع??لد??آمد جي عمل هيٺ آهن، ڪي اليڪٽرڪ بابت فيصلو وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو جڏهن ته وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي جي سربراهي ۾ چونڊ سڌارا ڪميٽي جون سفارشون ??تم?? مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن جيڪي وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ??يون وينديون، ڀاڻ، آر ايل اين جي، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن جي ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا اهم فيصلا به اجلاس ۾ ڪيا ويا، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ حج جي حوالي سان خاص فنڊ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافي?? کي بريفنگ دوران ڪيو.
وفاقي ڪابينا ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا