اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڊيالا جيل واري صاحب جي دور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار هو، هاڻي اهو معاملو ختم ٿي چڪو آ??ي، پرڏيهي پاليسي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ ماض?? جو قصو بڻجي ??ڪا آهن، انهن پنهنجي ذات جي خاطر ملڪ کي سدائين نقصان پهچائڻ جي ??وشش ڪئي، عوام نفرت ۽ ورڇ جو بيانيو رد ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان قانون واري وزير تفصيلي روشني وڌي آ??ي، دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿ??ند??ن جي پونئيرن جا ان بابت شديد خدشا آهن، انهن ماڻهن ملڪ جي خاطر جانيون قربان ڪيون آهن. هن چيو ته 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي جنهن تحت 10023 ڪيسز مان 7900 ڪيس حل ٿي چڪا آهن، رڳو 23 سيڪڙو ڪيس التوا هيٺ آهن. هن چيو ته حڪومت ان حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آ??ي، اسان جي نيت ان مسئلي کي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته قانون واري وزير ماضي جي حڪومت ۾ به ان تي ڪم ڪيو، ٻيهر به ان تي ڪم ٿي رهيو آهي. ضمني چونڊن جي نتيجن جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضمني چونڊن ۾ ڌانڌل?? جو ڍنڍورو پٽيو ويو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان مسلم ليگ (ن) ضمني چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام تحريڪ انصاف جي ??وڙ، تشدد، دفاعي ادارن جي خلاف بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ووٽرز سميت ٻين پڻ مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته ضمني چونڊن جي شفافيت تي ڪير به آڱر نه ٿو کڻي سگ??ي، ضمني چونڊن 8 فيبروري جي ??ونڊن جي حوالي سان به شڪ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته محمد نواز شريف سان ماڻهن جي وڏي محبت آ??ي، عوام شهباز شريف جي معاشي سڌارن ۽ پنجاب ۾ خدمت جي سياست کي ووٽ ڏنو آهي. هن چيو ته نفرت، منافقت ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو رد ٿي چڪو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??شر??ٰ بي بي جي صحت جي حوالي سان تحريڪ انصاف کل جوڳي پروئگنڊه ڪري رهي آ??ي، ??شر??ٰ بي ب?? جون سموريون طبي ٽيسٽون صحيح آيون، هوءَ صحتمند آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ??شر??ٰ بي بي جي صحت جي حوالي سان ڪي خدشا آهن ته کلي ٻڌايو وڃي، جڏهن ??شر??ٰ بي ب?? جون ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون ته هوءَ صحتمند ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪوڙ تي ٻڌل مهم هلائي رهي آهي ته ??شر??ٰ بي بي جي زندگي کي خطرو آهي. هن چيو ته هي پيرانايو کان ٻاهر نڪرن، اهي ڪڏهن دفاعي ادارن ۽ ڪڏهن سپهه سالار جي خلاف ڳالهه ڪن ٿا، انهن قسم کڻي ڇڏيو آهي ته ملڪي دفاعي ادارن جي خلاف ئي ڳالهه ڪرڻي آ??ي، انهن جو ڪوڙ بي نقاب ٿيندو پيو وڃي، انهن جو پيرانويا پوري قوم آڏو اچي رهيو آ??ي، اهي متضاد بيان ڏئي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچائڻ جي ??وشش ڪن ٿا. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، ڪنهن کي پاڪستان جي دوست ملڪن يا پاڪستان جي سپهه سالار جي خلاف ڳالهه ڪرڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته ملڪ ترقي طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته جيل ۾ ويٺل شخص کي نظر اچي رهيو آهي ته هو اڪيلو ٿي ويندو. هن چيو ته ان شخص پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچائڻ جي ??وشش ڪئي هئي، اسان پاڪستان جي عالمي سطح تي لاڳاپن ۽ ساک کي بحال ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته تازو ئي سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ اربين ڊالر سيڙپڪاري جي ??الهه ڪئي، ايران جي صدر ڪالهه 10 ارب ڊالر جي واپاري ڪاٿي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڊيالا جيل واري صاحب جي دور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويو هو، هاڻي اهو معاملو ختم ٿي چڪو آ??ي، دوست ملڪن سان اسان جا لاڳاپا وڌي رهيا آهن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??الهه ٿي رهي آ??ي، ملڪ ترقي طرف گامزن ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي چڪي آ??ي، ملڪ ۾ سازگار ماحول جي موجودگي جي صورت ۾ ئي اهو ممڪن ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ شهباز شريف جي قيادت ۽ ويزن تحت هڪ حڪومت موجود آهي جيڪا سنجيدگي سان معاشي سڌارا ڪرڻ چاهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 74 سيڪڙو مٿي ويو. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس پهريون ڀيرو 9 سالن ۾ 619 ملين ڊالر تي پهتو، آءِ ٽي روانگي واپار 306 ملين ڊالر تي پهچي چڪو آهي. هن چيو ته سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري 20 مهينن جي اندر 285 ملين ڊالر تائين پهچي آهي. هن چيو ته اهي سموريون شيون ان لاءِ مٿي وڃي رهيون آهن جو ملڪ ترقي طرف گامزن آهي ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آ??ي، عالمي ادارا به اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته پاڪستان معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي وٺندو. هن چيو ته اسان پاڪستان جي نوجوانن کي ترقي ڏينداسين، ملڪ جي آءِ ٽي انڊسٽري سميت زراعت جي شعبي کي فروغ ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ سازشي، ڪوڙ ۽ منافقت تي ٻڌل بيانيو رد ٿي چڪو آ??ي، پرڏيهي پاليسي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ ماض?? جو قصو بڻجي ??ڪا آهن، پي ٽي آءِ سائفر جو ڊرامو رچايو، دوست ملڪن جي سربراهن کي ڏنل تحفن کي وڪرو ڪيو. مشاهد الله خان مرحوم ٺيڪ ئي چيو هو ته زمين وڪڻي ڇڏي، زمين وڪڻي ڇڏيو، هڪ قيدي منهنجو وطن وڪڻي ڇڏيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ذات جي خاطر ملڪ کي سدائين نقصان پهچائڻ جي ??وشش ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سڀ کان پهرين آ??ي، سياسي پارٽيون بعد ۾ آهن، ترقي پاڪستان جو مقدر آ??ي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿيندي، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي ترقي جي لاءِ هر قدم کڻندي، ا??ند?? ڏينهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان وڌيڪ وفد پاڪستان اچي رهيا آهن. وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو پڻ اچي رهيو آ??ي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان روشن امڪان موجود آهن، ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪنداسين. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪميٽي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان معاملي جي حل لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. هڪ سوال ج?? جواب ۾ هن چيو ته اي سي ايل جا قاعدا ۽ ضابطا موجود آهن ته ڪهڙن سببن جي ??ري نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي يا ڪڍيو وڃي ٿو. گهرو ڊويزن جيڪڏهن ڪنهن جي سفارش موڪلي ٿي ته ان تي قانون موجب عمل ٿئي ٿو. هڪ ٻئي سوال ج?? جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي آئي آ??ي، عيدالفطر جي موقعي تي حڪومت 3.82 رپين جي ??هٽتائي ڪئي. هن چيو ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي ۽ نجڪاري تي ڌيان ڏئي رهي آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري سان 800 ارب رپين جو خسارو ختم ٿيندو جنهن جو بار عوام ۽ حڪومت برداشت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس سڌارن ۽ ايف بي آر جي ??يجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي. سموريون شيون مثبت آهن، وقت سان گڏوگڏ حالتن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پوري دنيا جو پاڪستان تي اعتماد بحال ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جيڪا مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو، هاڻي هن ملڪ کي ترقي يافته بڻائينداسين ۽ هڪ اهڙي معيشت ٺاهينداسين جنهن تي دنيا ناز ڪري، اهو اسان جو مشن آهي ان کي جاري رکنداسين.
اڊيالا جيل واري صاحب جي دور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار هو، هاڻي اهو معاملو ختم ٿي چڪو آهي، پرڏيهي پاليسي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ