اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آ??ِ او) ڊ??ڪٽ?? طارق محمود خان چيو آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن جي ڪري عور??ن جي لاءِ پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائڻ جا موقعا وڌي ويا آهن. عور??ن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ ”عورتن کي بااختيار بڻائڻ: بدلجندڙ دنيا ۾ چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان منعقد هڪ سيمينار ۾ هن ڊيجيٽلائيزيشن جي اثرن تي زور ڏيندي چيو ته ان سان عور??ن جي لاءِ موقعا خاص طور تي معاشي شعبن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن سيا??ت ۽ معيشت سميت زندگي جي مختلف رخن ۾ عور??ن جي وڌندڙ شرڪت طرف مثبت رجحان جو ذڪر ڪيو جيڪو آهستي آهستي روايتي رڪاوٽن کي ٽوڙي رهيو آهي. عورتن کي درپيش موجوده سماجي چئلينجز جي حوالي سان هن صنفي اڻبرابري بابت مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ صنف کان قطعي نظر سمورن ماڻهن کي بنيادي انساني حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي تحريڪ جي عالمي نوعيت تي روشني وجهندي هن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ فيمنسٽ تحريڪن پاران حاصل ٿيندڙ رفتار جو ذڪر ڪيو. هن عروتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊ??ڪٽ?? طارق محمود خان عورتن تي زور ڏنو ته اهي سماجي، سياسي ۽ معاشي شعبن ۾ موقعن مان فائدو کڻن ته جيئن ته اهي پنهنجي صلاحي??ن جو مظاهرو ڪري سگهن ۽ معاشري ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. هن عور??ن جي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي پنهنجي روزگار جي ذريعي کي وڌائڻ ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻجڻ جي لاءِ ڊيجيٽلائيزيشن کي اختيار ڪن. ٻارن جي حقن جي تحفظ بابت قومي ڪميشن (اين سي آر سي) جي اڳوڻي چيئرپرسن افشان تحسين باجوه، فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر جي صلاحڪار ڊ??ڪٽ?? افشان ملڪ، آمريڪا ۾ رهندڙ عور??ن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن مردانڊا، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي پروفيسر ڊ??ڪٽ?? اسد منير، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي پروفيسر ڊ??ڪٽ?? سعديه پاشا ۽ ميڊيڪل ڊ??ڪٽ?? زاهده ابراهيم پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. سيمينار جو اهتمام الائنس فار گڊ گورننس فائونڊيشن ڪيو هو ۽ ان جي نظامت هڪ تجربيڪار صحافي شبير حسين ڪئي هئي.
ڊيجيٽلائيزيشن جي ڪري عورتن جي لاءِ پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائڻ جا موقعا وڌي ويا آهن: ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر