اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳ??رائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي تو??نا??ي، لاجسٽڪس، خوراڪ جي تحفظ، پاڻي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي عالمي معاهدن تي تازي اڳ??رائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي ت?? نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي 5 ڏينهن تائين لاڳاپيل شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي صلاحيت ??کن??ڙ ترقياتي منصوبا قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ قابل عمل منصوبن جي لاءِ حڪمت عملي جلد کان جلد خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات، سامونڊي معاملن ۽ ريلويز، قانون ۽ انصاف ۽ ماحولياتي تبديلي، ناڻي، تو??نا??ي، خوراڪ جي تحفظ وارن نگران وفاقي و??ير??، ڊپٽي چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ