اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پ??رٽين ۽ اميدوارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضابطه اخلاق مطابق عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پ??بندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اسٽيشن جي 100 ميٽر اندر ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ووٽ وِجهڻ لاءِ ووٽر جي حوصله افزائي يا ان کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ حوصله شڪني تي ??َڌل نوٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي ??ڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته سياسي پ??رٽيون، اميدوار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولنگ واري ڏينهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر يا شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي ??نهنجي ڪيمپ لڳائي سگهندا. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پوليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي ??قيني بنائڻ جا ذميوار هوندا، ان جي خلاف ورزي غير ??ان??ني فعل تصور ڪئي ويندي، جنهن تي ??ان??ن مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.
عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ تي پابندي هوندي: اليڪشن ڪميشن
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد