دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاس اينڊ ڊيميج ف??ڊ کي فوري طور تي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي بابت امير ۽ ترقي يافته ملڪن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گ??رجي، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ نار ۽ اولهه ملڪ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوپ – 28 جي موقعي تي هڪ آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جو ذميوار نه آهي پر موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان سنڌ ۽ بلوچستان متاثر ٿيا. هن چيو ته اسان سڀني کي اهو يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب رهياسين ته لاس اينڊ ڊيميج ف??ڊ کي ترقياتي فنڊز ۽ وڏي مالياتي ادارن جي قرضن کان جدا هجڻ گ??رجي ۽ اهو سرمايو ميرٽ تي ۽ اضافي هجڻ گ??رجي ۽ اها حصيداري حقيقي معنيٰ ۾ هجڻ گ??رجي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته گذريل صديءَ دوران ماحولياتي تبديلي جي اثرن جو ذميوار ڪير آهي، ملڪن ۽ معيشتن تي فيصلا مڙهڻ ب??را?? ايماندار مباحثو اهم آهي، امير ملڪن کي پاڻ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گ??رجي. هن چيو ته لاس اينڊ ڊيميج فنڊ بابت گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي وڌيڪ عرصو لڳي سگهي ٿو جڏهن ته وڏي عالمي مالياتي ادارن جي ذريعي ان کي فعال بڻائي سگهجي ٿو، اسان ڪوئلي تي هلندڙ منصوبن کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي، ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان اهڙن مخصوص منصوبن تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، نار ملڪ گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ڪويت سميت اولهه ملڪ ان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، اهو اسان جي ۽ انهن جي لاءِ بهترين موقعو آهي.
لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فوري طور تي فعال بڻايو وڃي، موسمياتي تبديلي بابت امير ۽ ترقي يافته ملڪن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری