اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ فراڊ کان متاثر شهري کي 344600 رپيا واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان حوالي سان هن بئنڪنگ محتسب جو حڪم برقرار رکندي الائيڊ بئنڪ جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ??لائيڊ بئنڪ جي صارف جي اڪائونٽ م??ن 344602 رپيا د??کي??ازي سان ڪڍيا ويا، بئنڪ صارف جي رضامندي کانسواءِ فنڊ منتقلي سهولت کولي بدانتظامي ڪئي وئي. صدر چيو ته ??نا اجازت جي آن لائين فنڊ ٽرانسفر سهولت کولڻ جي ڪري صارف کي نقصان کڻڻو پيو. صدر بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف الائيڊ بئنڪ جي داخل ڪيل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ??ئنڪ قانوني ذميواري ادا ڪ??ڻ ۾ ناڪام رهي، بنا اجازت جي انٽرنيٽ بئنڪنگ چينل کولي بي ضابطي ۽ عدم تعميل ڪيو ويو. هن چيو ته ??ڪايت ڪندڙ کي بئنڪ هيلپ لائين سان ملندڙ جلندڙ نمبر تان فول ڪال آئي ۽ ڪال کانپوءِ اڪائونٽ م??ن 344602 رپين جي رقم منتقل ڪئي وئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ارف ماضي ۾ آن لائين چينلز جي ذريعي ڪابه ڏيتي ليتي ناهي ڪئي. تفصيل موجب امير علي وساڻ فراڊ جي فوري پوءِ شڪايت داخل ڪرائي جڏهن ته ??ڪايت حل نه ٿي جنهن تي صارف وڃايل رقم جي واپسي جي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. محتسب بئنڪ کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر بئنڪ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏي. صدر ڪيس جي ذاتي طور تي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر چيو ته ??ئنڪ ادائيگي جي نظام ۽ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر ايڪٽ 2007ع جي سيڪشن 41 موجب تڪراري ڏيتي ليتي جي قانوني حيثيت ثابت ڪ??ڻ ۾ ناڪام رهي، رقم جي قسطن م منتقلي هڪ ئي تاريخ تي تمام گهٽ وقت ۾ هڪ ئي طرز تي ڪئي وئي. هن چيو ته ??قم منتقلي تي بئنڪ سسٽم الرٽ ٿيڻ گهرجي ها، گهٽ ۾ گهٽ صارف کي ??ال وڃڻ گهرجي ها. صدر چيو ته ??ن ڳڻتي جوڳي ڳالهه تي بئنڪنگ ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي ??يان ڏيڻ گهرجي، شهري ڊيجيٽل بئنڪنگ، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل بئنڪنگ مصنوعات کان واقف نه آهن. صدر چيو ته ??ئنڪ آن لائين چينلز جي حوالي سان قانونن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي هدايتن جي تعميل ڪ??ڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صدر بئنڪ جي اپيل رد ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن جي اندر بئنڪنگ محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.
صدر پاران بئنڪ فراڊ کان متاثر شهري کي پئسا واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش