برسلز – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر ايليس??ا ڪليس ۽ يورپي يونين جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ يورپي پارليامينٽ ميمبرن راسا جڪنيوسين، فوبيا ماسيمو ڪاسٽالڊو، آنگاهاگا، برن هارڊ زيمنيوڪ، ٿامس زيچو وسڪي ۽ هروجاون شريڪ هئا. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چي?? ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفي گهڻي رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن يورپي پارليامينٽ ميمبرن کي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چي?? ته عالمي برادري ??ارت پاران معصوم ڪشميرين تي جاري ظلمن جو سلسلو بند ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي. هن چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اظهار جي آزادي جي پابندين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن سان تعاون جي گهرجائو آهيون، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب معصوم ڪشميرين کي انهن جو جائز حق خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سي??سي ۽ سفارتي معاونت جاري رکندو. نگران پرڏيهي وزير پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ي چيئرپرسن سينيٽر ايليس??ا ڪليس سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ سي??حت سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فورغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ نگران پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي برسلز ۾ پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي چيئرپرسن ۽ يورپي يونين جي ميمبرن سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔