اسلام آباد – 07 –جول??ءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ روزگار ڏيارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ مختلف نوڪرين جي ل??ءِ خصوصي ماڻهن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ نوڪريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ معذوري جي درجابندي ۽ نوعيت جي فريم ورڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلا?? ۾ ??نساني حقن، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ نادرا جي سينيئر عملدارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر مريم ملڪ اجلا?? ۾ ??رڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته هنرمند خصوصي ماڻهن جي نوڪري جي ل??ءِ امڪاني آجرن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ پهرين مرحلي ۾ نجي شعبي ۾ وڏن آجرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي مهارت موجب انهن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن انهن کي مڪ جو پيداواري شهري بڻائي سگهجي. صدر قومي ۽ صوبائي سطحن تي عالمي معيارن ۽ بهترين طريقن موجب تيار ڪيل معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اهو فريم ورڪ معزوري جي نوعيت سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي ل??ءِ موزونيت جو تعين ??رڻ ۾ مدد ڪندو. هن معذوري جي سرٽيفڪيٽس کي اردو ۾ ترجمو ڪري عام ماڻهن جي ل??ءِ پهچ جوڳو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اهي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي درجابندي جي فريم ورڪ ۽ معذوري جي سرٽيفڪيٽ کي اختيار ڪرڻ جي ل??ءِ صوبن سان پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائين جنهن سان خصوصي ماڻهن کي تمام وڌيڪ سهولت ملندي. صدر ميڊيا ۾ خصوصي ماڻهن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. صدر انساني حقن جي وزارت تي زور ڏنو ته اها سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ نوڪريون ڳولڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪري.
مارڪيٽ ۾ مختلف نوڪرين جي لاءِ خصوصي ماڻهن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت