اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، دل چاهي ٿي ته هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي ۽ هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپس ورهايان، نوجوانن تي سيڙپڪاري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خ??ص معاون شزه فاطمه، عطا تارڙ، ملڪ احمد خان کانسواءِ ايڇ اي سي جي چيئرمين، استادن، والدين ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون خادم پنجاب هئس ته نوجوانن ۾ لکين ليپ ٽاپس ورهايا. پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ سان بي شمار شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو انهن مان ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ڪا??ياب پروفيشنلز بڻجي چڪا آهن ۽ پاڪستان جي خ??مت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ ڏينهن لاهور ۾ هڪ ٻارڙي ليپ ٽاپ وٺندي مون کي ٻڌايو ته ان جا والدين هند نيا ۾ نه آهن پر هو ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم جي روشن مستقبل جي ڪُنجي نوجوان?? جي هٿ ۾ آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته هر نوجوا?? جي هٿ ۾ ليپ ٽاپ ڏيان. ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا آئي ته درسگاهون بند ٿي ويون. اهي ليپ ٽاپ ئي هئا جيڪي نوجوانن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ ڪا??ياب پروفيشنل بڻجڻ جو ذريعو بڻيا. جديد دور جي گهرجن موجب قوم جي هر ٻار جنهن وٽ علم آهي ۽ محنت ڪرڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجو پيٽ ڪا??ي ليپ ٽاپ فراهم ڪنداسين. اهي ليپ ٽاپ لکين نوجوانن کي روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جو ذريعو به بڻيا آهن. ايندڙ هڪ سال دوران نوجوانن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، ا?? جي لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي. اهي ليپ ٽاپ ڪنهن سفارش تي نه پر نج ميرٽ تي ملندا. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ نوجوانن کي به 5 ارب رپين جا زرعي قرض فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته نوجوان?? جي محنت رنگ آڻيندي ۽ اسان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڙيسري ملڪ کي به پٺتي ڇڏينداسين ۽ پاڪستان کي ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين. هن چيو ته منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ نوجوانن ۾ ورهايان ڇو ته اهي ئي ليپ ٽاپ پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندا. وزيراعظم سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پوري قوم دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي ته ڪو به مسلمان قرآن مجيد جي بي حرمتي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ وزيراعظ?? ڦيٿو ڪا??ي پوري پاڪستا?? جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جي پروگرام جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم تقريب ۾ شريڪ مختلف يونيورسٽي?? جي نمايان تعليمي قابليت جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پاڻ ليپ ورهايا.
نوجوان قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، دل چاهي ٿي ته هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي ۽ هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپس ورهايان، نوجوانن تي سيڙپڪاري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ