اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته پاڪستان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه سان گڏ بيٺل رهندو، ??ن سلسلي ۾ حڪومت جاري ريسڪيو ۽ ريليف سرگرمين کي ملڪ گير مهم ۾ توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪ??و آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مُون سمورن وڏن وزيرن سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن کي ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر ماڻهن جي لاءِ قومي امدادي مهم جي ذميواري کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي. ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اسان واپاري برادري، مذهبي اسڪالرز ۽ تعليمي ادارن جي حمايت حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هي هڪ صديءَ جو ب??تر??ن زلزلو هو، اسان جي حيثيت ٻن ملڪن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي آهي ۽ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون