اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دماغي صحت جي حوالي سان وزيراعظم آفيس، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ ايوان صدر جي قدمن کي هڪ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته هڪ موثر مصنوعي ذهانت (اي آئي) تي ٻڌل هيلپ لائين تيار ڪري سڄي ملڪ جي وڌ کان وڌ آبادي کي ذهني مسئلن بابت مشاورت فراهم ڪري سگهجي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار دماغي صحت بابت فالو ??پ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صحت واري عالمي اداري، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽراسٽ سوسائٽي، تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو جي عهديدارن ۽ ميمبرن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. هن چي?? ته دماغي صحت جون سهولتون صحتمند معاشري ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهن. برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي ماهرن کي معياري ۽ پيشيواراڻا مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??ظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. برطانيا ۾ پاڪستاني ڄاوا 2 هزار جي لڳ ڀڳ نفسياتي ماهر موجود آهن، جن کي سسٽم ۾ شامل ڪري سگهج?? ٿو. دماغي صحت جون خدمتون فراهم ڪندڙ نظام کي صحت جي ادارن ۾ دستياب موجوده وسيلن سان ٺوس ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته خودڪشي کي هاڻي پاڪستان ۾ ڏوهه کان جدا ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ذهني صحت جو مسئلو ??مجهيو وڃ?? ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ذهني صحت جي خدمتن کي آبادي تائين پهچائڻ تي ڌيان ۽ اهميت ڏني پئي وڃي. لاڳاپيل ڌريون مالي ضرورتن جو تعين، فني ضرورتن، ماهرن جي خدمتن ۽ گهربل ضروري فزيڪل انفراسٽرڪچر کي نظر ۾ رکندي ڪري سگهن ٿيون. صدر چي?? ته ذهني صحت فراهم ڪندڙ نظام کي جانچڻ، مڪمل طور ي فعال بڻائڻ کانپوءِ ??ڪ جامع ميڊيا مهم جي ضرورت پوندي، نظام ۾ ڪا??ز کي رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ ??ڪ جامع طريقيڪار هجڻ گهرجي.
دماغي صحت جي حوالي سان وزيراعظم آفيس، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ ايوان صدر جي قدمن کي هڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ