اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر – حيدرآباد موٽروي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق سکر هوائي اڏي تي آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ??اهه وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جو استقبا?? ڪيو. وزيراعظم پهريان سکر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽر وي ايم – 06 جو پيڙهه جو پٿر رکندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي ( پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽر ويز سان گنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 30 مهينن جي مدي ۾ مڪم?? ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم