گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجائيندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، عالمي برادري کي مصيبت ۾ ورتل فلسطينين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ شهري آبادي جي خلاف اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي فلسطين بابت ڇهه رڪني ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. او آءِ سي جي فلسطين بابت ڪميٽي ۾ پاڪستان، سينيگال، ملائيشيا ۽ گني جي پ??ڏي??ي وزيرن کانسواءِ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ فلسطيني اٿارٽي جو اعليٰ سفارتڪار ان جي ڇهين ميمبر طور شامل آهن. پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل فلسطين ۾ اسرائيلي قبضي ۽ ظلم پوري وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام، ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن جو بنيادي سبب آهن. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي جيڪو خطي ۾ عدم تحفظ ۽ انجي ڪيترن ئي تڪرارن جو جز آهي موثر طريقي سان پهرين ۽ فوري ترجيح طور حل ڪرڻ گهرجي. هن اسرائيل پاران فلسطيني شهرين بشمول ٻارن جي مسلسل قتل ۽ زخمي ڪرڻ، مقدس جاين جي تقدس جي خلاف ورزي، فلسطينين جي گهرن کي مسمار ڪرڻ ۽ فلسطيني خاندانن جي زبردستي لڏپلاڻ ۽ فلسطيني صحافي شيرين ابو عقيله جي بي ??حماڻي قتل جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ??اري رتوڇاڻ کي روڪڻ ۽ والاريل علائقن ۾ فلسطيني عوام جي انساني وقار ۽ انساني حقن جي بحالي لاءِ ڪنهن به قدم ۾ ٻين ميمبر ملڪن سان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار آهي. پ??ڏي??ي وزير چيو ته فلسطيني عوام جي خلاف جاري جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. عالمي برادري کي مصيبت ۾ ورتل فلسطينين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ شهري ابادي جي خلاف اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته جارحيت ڪندڙ اسرائيل ۽ مظلوم فلسطينين جي وچ ۾ غلط برابري پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ناقابل معافي آهن، مسلمان ??مت جي گڏيل آواز طور او آءِ سي کي ان فريبي ??اثر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پاران ??شمول چوٿين جنيوا ۽ ٻين انساني حقن جي ڪنوينشنز ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي جي خلاف انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب احتسابي ??ريقيڪار بڻائڻ گهرجي. هڪ خودمختيار ۽ قابل عمل فلسطيني رياست جو قيام، 1967ع کان ??ڳ جي مڃيل حدن ۾ القدس الشريف جي گادي واري شهر طور تي فلسطين اسرائيل تڪرار جو واحد آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ امن عمل ضروري آهي. هن فلسطيني عوام جي جائز حقن خاص طور تي انهن جي مڃيل خودمختياري حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان جي مستقل حمايت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری