اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان حبيب بئنڪ لميٽ??ڊ جي چيئرمين ۽ آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر سلطان علي الانه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف به موجود هو. و??ير??عظم آغا خان کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي لاءِ فراخدلا??ي تعاون تي خراج تحسين پيش ڪ??و ۽ سندس ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ترقي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??ير??عظم پاڪستان ۾ حبيب بئنڪ لميٽِڊ ۽ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ٻين ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنس رحيم آغا خان و??ير??عظم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر عطيي جو اعلان ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش