اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن کي اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ برطا??يه جي صدر عبدالستار رانا ۽ سينئر نائب صدر ملڪ عمران خليل ملاقات دوران ڪيو جنهن مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني مشنز جي ڪردار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ برطا??يه جي عهديدارن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جو ٿورو ادا ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ سمورين حڪومتن کي اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو کين ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا،. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 90 لک اوورسيز پاڪستانين سان اليڪشن کان اڳ جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪر?? ڏيکاريو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان برطا??يه سميت سڄي دنيا ۾ قائم پاڪستاني مشنز کي واضح هدايتون ڏئي رکيون آهن ته پاڪستانين جي مسئلن کي فوري حل ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. عبدالستار رانا چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ ر??شن ڊجيٽل اڪائونٽ، پنهنجو گهر اسڪيم جهڙا پروگرام جاري ڪرڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت جا ٿو??ائ??ا آهيون. ملڪ عمران خليل چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان کي ووٽ ڏيندا، پي ٽي آءِ برطا??يه جي قيادت اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي لاءِ آٽوميشن نظام متعارف ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاور آف اٽارني جي آن لائين تصديق ۽ جاري ڪرڻ سان هزارين سمنڊ پار پاڪستانين جو فائدو ٿيندو. پراڻي ڪر??ٽ نظام مان فائدو کڻندڙ ملڪ ۾ تبديلي نه چاهيندا هئا.
ماضي جي حڪمرانن کي اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ