اس??ام آباد – 10 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ ک??ن وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون جنهن مان 41 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آ??ريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 303 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 48 سيڪڙو، لاهور ۾ 27 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اس??ام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 30 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 824 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 972، پنجاب ۾ 11 هزار 497، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 375، اس??ام آباد ۾ 3 هزار 682، بلوچستان ۾ هڪ هزار 222، گلگت بلتستان ۾ 386، آزاد ڪش??ير ?? 690 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 71 هزار 669 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪش??ير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 361 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 هزار 236 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 37 هزار 434 آهي.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 76 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات