اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر ??يو آهي ته ڀارتي پائليٽ اڀي نندن جي آزادي کي ڪ??هن ٻي شيءَ سان جوڙڻ انتهائي گهمراه ڪندڙ آهي، اها شيءَ ڪ??هن به پاڪستاني لاءِ قابل قبول نه آهي، پلوامه واقعي ۾ ڀارت کي نه رڳو م??هن جي کائڻي پئ?? پر پوري دنيا ۾ خواري به کنئي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستان جي عوام تي ڪيرائڻ آيو هئا ا??ي خا??ي جبلن تي اڇلي هليا ويا، پاڪستان اعلانيه هندستان کي ڏي??هن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو، الله جي نصرت سان اسان کي هندستان جي خلاف واضح فتح نصيب ٿي ۽ پوري قوم جو سر فخر مان بلند ٿيو، پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ۾ به تسليم ڪيو ويو. هو آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ هنگام?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون