ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان صدر اشرف غن?? رابطن جي ذريعي علائقائي سلامتي جا گڏيل مقصد ??اصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ٻنهي اڳواڻن ج?? وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهين جي دوران ٿيو جيڪو افغان صدارتي محل ۾ منقعد ٿيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ڳالهيون نهايت خوشگوار ۽ دوستاڻو ماحول ۾ ٿيون، افغان صدر وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي جڏهن ته وزيراعظم والهاڻي مهمانوازي تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ??ه ڏني، افغان صدر اشرف غن?? وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻئي پاسي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان صدر اشرف غن?? ارگ مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر محمد اشرف غن?? جي دعوت ??ي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو.
وزيراعظم ۽ افغان صدر ۾ رابطن وسيلي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ