تهران _14 آڪٽوبر (اي پي پي) ??ير??ن ”ڪوثر“ ۽ ”هدهد“ نالي ٻه سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ لاءِ روس روانو ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ??ير??ن پنهنجا مقامي تيار ڪيل اعليٰ ريزروليوشن تصوير ڪڍڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪوثر سيٽلائٽ ۽ سمارٽ اوزارن لاءِ مواصلاتي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل هدهد سيٽلائيٽ کي خلا ۾ موڪلڻ لاءِ روس روانو ڪري ڇڏيو آهي. پرائيوٽ ڪمپني جي تيار ڪيل سيٽلائيٽ جي لانچ جي ت??ريخن بابت ڪا ??علومات فراهم ناهي ڪئي وئي پر ٻين تفصيلن مطابق ڪوثر سيٽلائيٽ جي تياري 2019 ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي. اهو سيٽلائيٽ اعليٰ ريزوليوشن تصويرون ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان سان زراعت، قدرتي وسيلن، ماحوليات ۽ بحران انتطاميه جهڙن شعبن ۾ استعمال لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. هدهد سيٽلائيٽ هڪ ننڍو ٽيلي ڪميونيڪيشن سيٽلائٽ آهي جنهن کي زميني رابطن واري ڏورانهن وارن علائقن ۾ سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن نيٽ ورڪ ۽ سمارٽ اوزان لاءِ مواصلاتي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. روس 2022ع ۾ ۽ هلندڙ سال فيبروري مهيني ۾ ??ير??ني سيٽلائيٽ مدار ۾ موڪليا هئا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ خلائي شعبي ۾ وڌندڙ ان سهڪار آمريڪي ??ختيارين کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
ايران ”ڪوثر“ ۽ ”هدهد“ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ لاءِ روس روانو ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena