نئين دهلي- 22 آگسٽ (اي پي پي) ڀا??ت جي سڀ کان وڏي واپاري مرڪز ممبئي ۾ انٽرنيٽ سروسز ۽ اسڪولن کي بند ڪيو ويو آه??. اهو قدم لڳاتار ٻئي ڏينهن جاري احتجاج سبب کنيو ويو آه??. هڪ خابرو اداري موجب اهو احتجاج ٻن ٻارڙين سان لڄالٽ جي تمام وڏي شرمناڪ واقعن خلاف جاري آه??، تازن واقعن جو شڪار بڻجندڙ ٻارڙين جي عمر چار سال هئي. ممبئي کان اٽڪل 50 ڪلوميٽر جي فاصلي تي بدله پور ۾ احتجاج جاري آه??. احتجاج جي اها لهر 31 سالن جي عورت ڊاڪٽر جي اسپتال اندر قتل جي واردات کان پوءِ جاري آه??. عورت ڊاڪٽر سان افسوسناڪ واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ ڀا??ت جي شهر ڪولڪته ۾ پيش آيو هو. بدله پور ۾ چار سالن جي ٻارڙين سان ڏاڍائي جي الزام ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آه??. مڇريل مظاهرو ڪندڙن اڱاري واري ڏينهن ريلوي ٽريڪ کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻارڙين لاءِ ??نص??ف جو مطالبو ڪيو. رياست جي وڏي وزير اڪناٿ شيندي چيو ته ان ڪيس کي عدالت ۾ تيزي سان هلايو ويندو. هن مظاهرو ڪندڙن تي الزام هنيو ته مظاهرو ڪندڙ سياسي طور تي مت??رڪ آهن. واضح رهي ته مهاراشٽرا ڀا??ت جي امير ترين رياست آه??. جنهن ۾ هلندڙ سال جي آخر ۾ چونڊن جو به امڪان آه??، ??ن رياست ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي کي گڏيل مخالف ڌر پاران سخت مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو.
ڀارت ۾ ننڍڙين ٻارڙين سان لڄالٽ تي احتجاج سبب ممبئي ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ اسڪول بند
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون