رياض _ 8 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ واري وزارت چيو آهي ته حج س??زن 2024 ع لاءِ تياريون مڪمل آهن . حج پانڌيئڙا 7 هزار 700 اڏامن کان علاوه بري ۽ بحري رستن کان مملڪت پهچندا . ايس پي اي مطابق سعودي سول ايوي ايشن جنرل اٿارٽي ٻڌايو ته هن سال مملڪت جي 6 ايئرپورٽس تي حج پانڌيئڙن جي استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن . حاجين جي آمد ۽ کين رهائش تائين پهچائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن . جنرل ٽرانسپورٽ ??ٿارٽي پڻ حج س??زن لاءِ تيارين جو اعلان ڪيو آهي .اٿارٽي جو چوڻ آهي ته 7 هزار کان وڌيڪ بسون ۽ 5 هزار ٽيڪسيون حاجين جي اچ وڃ لاءِ مقرر آهن . ان کان علاوه 18 پبلڪ ٽرانسپورٽ ??وٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي . اٿارٽي جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ لائيسنس يافته ڪمپنين حاجين جي سهولت ۽ حفاظت جا بهترين انتظام ڪيا آهن ، اٿارٽي حج س??زن دوران ٽرانسپورٽ ??هولتن جي نگراني لاءِ ايپلي ڪيشن ذريعي به ڪندي .
سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ واري وزارت حج آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو