تل ابيب – 05 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ڏڪار جي خطري جو شڪار غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق اسرائيل جمعي تي اعلان ڪيو ته ڏڪار جي خطري جو شڪار اتر غزه ۾ عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏيندو. خميس تي آمريڪي صدر جوبائيڊ?? اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻ??اي?? ته ??سرائيل بابت آمريڪي پاليسي غزه ۾ شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ تي ٻڌل آهي، اهو واشنگٽن طرفا?? اسرائيل جي فوجي مدد لاءِ امڪاني شرط ڏانهن پهريون اشارو هو. ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ اسرائيل اعلان ڪيو ته هو غزه لاءِ وڌيڪ امدادي رستا کولي ڇڏيندو. نيتن ياهو جي آفس ٻ??اي?? ته ??سرائيل جي وار ڪيبنٽ اشدود پورٽ ۽ ايريز لينڊ ڪراسنگ ذريعي عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏني آهي، ان سان گڏو گڏ اردن کان ڪريم شالوم ڪراسنگ تي پڻ فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو. وائٽ هائوس فوري طور انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي صدر جوبائيڊن جي درخواست تي ڪيل قدم قرار ڏنو. وائٽ هائوس چيو ته ??نهن قدمن کي هاڻي مڪمل طور وڌيڪ تيزي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی