تل ابيب -09 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرا??يل جي دفاع واري وزير يوايو گيلانٽ چيو آهي، ته جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن، حماس اسرا??يل تي حملي کان پوءِ 50 سالن تائين پڇتائيندو. اسرا??يل جي اخبار ٽائمز آف اسرا??يل مطابق دفاع واري وزير ڏکڻ اسرا??يل جي اوفاڪيم علائقي جو دورو ڪيو جنن تي فسلطينين حملو ڪيو هو. اسرا??يل جي دفاع واري وزير ان موقعي تي چيو ته جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن ۽ حماس اسان جي جواب کي 50 سالن تائين وساري نه سگهندو. هن چيو ته غزه جي پٽي ۾ اسرا??يل جي جوابي ڪارروائي ايندڙ 50 سالن تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ تازي رهندي ۽ حماس کي اها ويڙهه ڪرڻ تي پڇتاءُ ٿيندو. هن چيو ته جنگ جا اصول بدلجي چڪا آهن، غزه جي پٽي جيڪا قيمت ادا ڪندي اها وڌيڪ هوندي. اسرا??يل تصديق ڪئي ته غزه ۾ گه?? ۾ گه?? 100 اسرائيلن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ميڊيا رپور??ن مطابق غزه پٽي ۾ 170 اسرائيلن کي يرغمال بڻاوي ويو آهي. واضح رهي ته ڇنڇر ڏينهن شروع ٿيل جنگ جي ٻن ڏينهن کان پوء?? 700 کان وڌيڪ اسرائيلي فوت ۽ 2200 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. اسرا??يل جوابي ڪارروائي ڪندي غزه پٽي خلاف وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 370 فلسطيني شهيد ۽ 2 هزار جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي چڪا آهن.
جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن، حماس کي ويڙهه شروع ڪرڻ تي پڇتاءُ ٿيندو: اسرائيل جو دفاع وارو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج