اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني سان عالمي سطح تي هڪ اهم پيغام ويندو ته مسلمان دنيا ڇوڪرين جي تعليم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ??زي??اعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ جي ??زي??اعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان اچڻ تي سندس آجيان ڪندي ??زي??اعظم اسلام آباد ۾ 11 ۽ 12 جنوري تي مسلمان ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان حصيداري جي پائيداري ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اها ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان ان اهم موضوع بابت عالمي سطح تي هڪ اهم پيغام ويندو ته مسلمان دنيا ڇوڪرين جي تعليم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ??زي??اعظم مسلم ورلڊ ليگ جي مقصدن ۽ هدفن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل جي مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي ??زي??اعظم عالمي سطح تي اسلام جي حقيقي تشخص کي فروغ ڏيڻ، مسلمان دنيا جي گڏيل مقصدن جي وڪالت نيز مذهبن، عقيدن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام ۽ تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۾ تنظيم جي تعاون کي ساراهيو. ??زي??اعظم مسلم ورلڊ ليگ جي مقصدن ۽ هدفن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان ۾ سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جي فيصلي تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته مسلمان دنيا جو هي اهم منصوبو جلد پڄاڻي تي پهچندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل منصوبن جي جلد تڪميل خاص طور تي سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو. سيڪريٽري جنرل مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس جي شاندار انتظامن ۽ ان سلسلي ۾ مسلم ورلڊ ليگ سان تعاون تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ مسلمان امت جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي عالمي سطح تي مسلمان دنيا جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته هن ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان متفقه ”اسلام آباد ڊڪليئريشن“ جاري ڪيو ويندو جيڪو عورتن جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته هن ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان پنهنجي شعبن جا ناليوارا مختلف مڪتبه فڪر جا عالم، اسڪالرز ۽ تعليمي ماهر حصو وٺي رهيا آهن، هي ڪانفرنس عورتن جي تعليم ۽ اسلامو فوبيا جهڙن اهم موضوعن بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ??زي??اعظم ملاقات ۾ پاڪستان جي سعودي عرب سان پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي خا??م الحرمين شريفين سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ ??زي??اعظم محمد بن سلمان آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ??زي??اعظم وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهائيندي اسرائيل پ??ران معصوم فلسطينين تي جاري ظلمن جي مذمت ڪئي ۽ صورتحال جي بهتري جي لاءِ عالمي دنيا جي موثر ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? محمد اسحاق ڊار، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري ??زي?? ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مذهبي معاملن واري وفاقي ??زي?? چوڌري سالڪ حسين، خاص معاون سيد طارق فاطمي، پاڪستان ۾ سعودي عرب ج?? سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني سان عالمي سطح تي اهم پيغام ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن