اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ??يس اي 100 انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو، ڪي ??يس اي 100 انڊيڪس 813.52 پوائنٽس جي واڌ بعد 100082.77 پوائنٽس تي ب??د ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پاليسين جي تسلسل ۽ معيشت جي ب??تري لاءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 450 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 117 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپنين جي شيئرز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طور تي 1164.79 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 39.77 ارب روپيا هئي، ڪي ??يس اي 30 انڊيڪس 160.90 پوائنٽس جي اضافي بعد 31193.28 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات جي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2437.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 147220.79 پوائنٽس تي ب??د ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ارب روپين جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن ت??ئين پهچي ويو. اقتصادي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت قرار ڏنو آهي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن