اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سيپٽمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 1.28 رپيا في يو??ٽ گهٽتائيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه نيپرا مان جاري پڌرائيءَ مطابق سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي)، ايف سي اي جي مد ۾ 71 پئسا في يو??ٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي هئ??. ن??پرا ان درخواست تي 30 آڪٽوبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي. ان کان اڳ آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ 86 پئسا في يو??ٽ گهٽتائي سان چارج ڪئي وئي هئي. پڌرائيءَ مطابق سيپٽمبر جو ايف سي اي آگسٽ جي ڀيٽ صارفين کان و??يڪ 42 پئسا في يو??ٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو، ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين سواءِ لائف لائن، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشننز تي لاڳو ٿيندو جڏهن ته پڌرائيءَ مطابق اهو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق