اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بنگلاديش، ويٽنام ۽ سريلنڪا جهڙن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ترقيءَ جو سڀ کان وڏو سبب سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل آهي، ڪنهن به قوم جي ??اميابيءَ لاءِ 4 اهم عنصر امن، استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ مسلسل سڌارا آهن. گذريل ڏينهن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بئنڪنگ اينڊ فنانس، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي 25 سينيئر آفيسرن کي منصوبا بندي وزارت جي سينيئر آفيسرن طرفان منصوبا بندي وزارت جي پي ايس ڊي پي پروگرام ۽ ان ۾ منصوبا بندي وزارت جي ??ردار تي بريفنگ ڏني وئي. ان گروپ ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل جوائنٽ ڊائريڪٽرز شرڪت ڪئي ته جيئن پاڪستان کي درپيش اُڀرندڙ سماج?? ۽ ??قتصادي چئلينجز کي بهتر انداز ۾ سمجهي سگهون. ان موقعي تي ??فاقي وزير چيو ته اهي ملڪ جن مستحڪم معاشي ترقيءَ جو سفر طئي ڪيو آهي انهن کي گهڻي مُدي واري حڪومتي ??يادت دستياب رهي آهي. هن بنگلاديش، ويٽنام ۽ سريلنڪا جو مثال ڏيندي ٻُڌايو ته انهن ملڪن ۾ مستقل مزاج حڪومتي ??اليسيون انهن جي تيز رفتاري ترقيءَ جو سبب بڻيون آهن. هن ٻُڌايو ته 1998ع ۾ پيش ڪيل ويزن 2010ع، 1999ع جي مارشل لا کان متاثر ٿيو. اهڙيءَ طرح 2013ع ۾ شروع ڪيل ويزن 2025ع جنهن جو مقصد پاڪستان کي عالمي معيشتن ۾ سرفهرست 25 ملڪن ۾ شامل ڪرڻ هو، 2018ع ۾ قيادت ۾ تبديليءَ کانپوءِ چئلينجز جو شڪار ٿي وي??. ه?? چيو ته اهي سياسي تبديليون پاڪستان جي مستحڪم ترقيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيون. سي کي پاڪستان جي معيشٽ ۾ بنيادي عنصر قرار ڏيندي هن چيو ته سي پيڪ 3 سالن ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري حاصل ڪئي آهي جيڪا اسان جي معيشت تي انقلابي اثر ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان لاءِ هڪ گيم چينجر آهي جيڪو نه صرف انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري آڻي رهيو آهي پر ترقياتي حصيداريءَ کي به هٿي ڏئي رهيو آهي. ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته قومي مالياتي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مشڪل پاليسي فيصلا اڻٽر آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ??ذريل حڪومت جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ حڪومت تعليم، معيشت ۽ صحت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سڌارا ڪيا، حڪومتي ترجيحن جو ذڪر ڪندي هن برآمدي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو، جنهن کي پاڪستان جي پيداواريت کي وڌائڻ ۽ عالمي سطح تي ??اڪستاني شين جي هاڪاري تاثر لاءِ لازمي قرار ڏن??. ه?? چي ته اسان جي برآمدي صلاحيت ۾ اضافو پاڪستاني مصنوعات لاءِ عالمي مارڪيٽن ۾ هڪ مضبوط ۽ قابلِ اعتماد نالو ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي.
بنگلاديش، ويٽنام ۽ سريلنڪا جهڙن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ترقيءَ جو سڀ کان وڏو سبب سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات