راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدع??ي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئ??. آ??ِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد ع??ي شوڪت شهيد (عمر 43 سال، رهواسي فيصل آباد)، لانس نائيڪ محمد الله شهيد (عمر 29 سال، رهواسي خيبر)، لانس نائيڪ اختر زمان شهيد (عمر 30 سال، رهواسي لڪي مروت)، لانس نائيڪ شاهد الله شهيد (عمر 29 سال، رهواسي ٽانڪ)، لانس نائيڪ يوسف ع??ي شهيد (عمر 31 سال، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (عمر 26 سال، رهواسي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سينيئر حاضر س??وس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئ??. آ??ِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ اسان جي عزم ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.
اُتر وزيرستان ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر