اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سيا??ي معاملن بابت آمري??ا جي وقتي انڊر سيڪ??يٽ??ي جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪ??يٽ??ي الزبيٿ هورسٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آمري??ا جي وچ ۾ مثبت ۽ لاڀائتن رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب سيا??ي معاملن بابت آمري??ا جي وقتي انڊر سيڪ??يٽ??ي جان باس نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. هن دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت سميت اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي ??گهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وقتي انڊر سيڪ??يٽ??ي آمريڪا ۾ افغانين جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. وقتي انڊر سيڪ??يٽ??ي 2025 – 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مدي دوران پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آمري??ا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو.
اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا