اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل مير?? ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جو سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگيوز ويلاسڪو 12 کان 14 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. سيڪريٽري جنرل ويلاسڪو ”انٽرنيشنل مير?? ٽائيم سسٽين ايبلٽي ايگزيبيشن اينڊ ??ان??رنس“ ۾ شرڪت ڪندو ۽ پاڪستان جي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. بيان موجب سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو دورو آءِ ايم او کي مير?? ٽائيم سيڪٽر ۽ بليو ا??ان??مي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه پاڪستان آءِ ايم او جي باني ميمبر جي طور تي صاف سمنڊن ۾ محفوظ ۽ موثر شپنگ جي آءِ ايم او جي ويزن جي لاءِ پرعزم آهي. بيان موجب پاڪستان آءِ ايم او ڪائونسل ۾ 5 ٽرمن تائين خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ آءِ ايم او جي مقصدن کي برقرار رکڻ ۾ مسلسل تعاون ڪيو آهي.
انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل 12 کان 14 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ