اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ قيمتي پٿ??ن جي صنعت جي ترقي ۽ ان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي ??اء?? شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته قيمتي پٿ??ن جي روايتي طريقي سان کاڻين جي کوٽائي سان اهو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ قيمتي پٿ??ن جي کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش ۽ ويليو ايڊيشن جي صنعت جو عالمي معيار سان هم آهنگ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قيمتي پٿ??ن جي صنعت جي ترقي ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، خالد مقبول صديقي، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، را??ا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر را??ا احسان افضل، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختو??خو??هه جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ قيمتي پٿ??ن جي صلاحيت، کاڻين جي کوٽائي جي موجوده طريقن ۽ روانگي واپار جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان، خيبرپختو??خو??هه ۽ آزاد ڪشمير ۾ قيمتي پٿ??ن جا وسيع ذخيرا موجود آهن، انهن علائقن ۾ کاڻين جي کوٽائي جي ??اء?? روايتي طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن جن جي ڪري قيمتي پٿ??ن جو زيان ٿي رهيو آهي،خام مال اڪثر اسمگل ٿي ٻين ملڪن ۾ ويليو ايڊيشن کانپوءِ پوري دنيا کي برآمد ڪيو وڃي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وسيع مقدار ۾ ذخيرن جي باوجود پاڪستان مان قيمتي پٿ??ن جي برامدات جو ڪاٿو ڪجهه ملين ڊالر آهي. وزيراعظم کي قيمتي پٿ??ن جي صنعت ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي گلگت بلتستان ۾ قيمتي پٿ??ن جي حوالي سان هڪ ڪلسٽر ٺاهڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم تجويزن تي عملدرآمد جي ذميواري نجڪاري واري وفاقي وزير کي ڏيندي هڪ هفتي ۾ گلگت بلتستان ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي حڪمت عملي کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته قيمتي پٿ??ن جي صنعت جي ترقي ۽ شعبي جي سڌارن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پاڻ صدارت ڪندس. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ قيمتي پٿ??ن جي کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش ۽ ويليو ايڊيشن جي صنعت جو عالمي معيار سان هم آهنگ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت گلگت بلتستان حڪومت کي مڪمل مالي معاونت فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بدقسمتي آهي ته 77 سالن ۾ ان شعبي تي ڌيان نه ڏنو ويو، قيمتي پٿ??ن جي روايتي طريقي سان کاڻين جي کوٽائي سان قيمتي اثاثو ضايع ڪيو پيو وڃي، هڪ مهيني ۾ عالمي معيار سان هم آهنگ جديد حڪمت عملي جوڙي ان کي لاڳو ڪرڻ جي ??اء?? قدم شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته قيمتي پٿ??ن جي صنعت ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حوالي سان عملي قدم ۽ نتيجا پيش ڪيا وڃن، قيمتي پٿ??ن جي اسمگلنگ جي اجازت بلڪل نه ڏني ويندي، ان حوالي سان گلگت بلتستان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ قيمتي پٿ??ن جي عالمي سطح تي لاڳو سرٽيفڪيشنز حاصل ڪرڻ جي ??اء?? ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت قيمتي پٿ??ن جي کاڻين جي کوٽائي جي حوالي سان 178 وڏا لائيسنس ڏنا ويا آهن جڏهن ته قيمتي پٿ??ن جا 18 قسم آهن، پاڪستان جي قيمتي پٿ??ن جي روانگي واپار جو 80 سيڪڙو حصو خام مال تي ٻڌل آهي، قيمتي پٿ??ن جي صنعت جي ترقي سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم قيمتي پٿ??ن جي جديد کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش، پالشنگ ۽ ويليو ايڊيشن جي حوالي سان پاڪست??ني افرادي قوت جي پيشيواراڻي تربيت جي ??اء?? هڪ ٺوس حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ ان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس