اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وقتي صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار ناڻي ۽ او??اڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير عوام دوست بجيٽ جي تياري بابت وقتي صدر کي بريفنگ ??ني. ناڻي واري وفاقي وزير وقتي صدر کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ??ي لاءِ حڪومتي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي حڪومت جي مسلسل قدمن جو ??مر آهي. وقتي صدر چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ ۽ او??اڙيون وڌائڻ ??ي لاء?? ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : کڑک