برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بيلجيئم ۽ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ميزباني ۾ برلسز ۾ ٿيندڙ پهرين نيوڪليئر سمٽ ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، سربراهه اجلاس دوران ترڪيه جي پرڏيهي ??زي??، گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري ??زي?? کانسواءِ چين جي نائب ??زي??اعظم سان مثبت ۽ حوصلي جوڳيون ملاقاتون ٿيون. برسلز ۾ منعقد ائٽمي توانائي سربراهي اجلاس ۽ برسلز جي دوري جي حوالي سان هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته نيوڪليئر سمٽ جي موقعي تي عالمي ائٽمي توانائي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي ??زي?? سان پڻ ملاقات ٿي. پرڏيهي ??زي?? محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ گڏيل وزارتي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر ۽ ٻين حڪومتي عهديدارن سان ملاقاتون ٿيون هيون جنهن ۾ گڏيل دوستي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سان جيڪي ملڪ سڀ ک??ن وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن يا جن کي نقصان ٿي سگهن ٿا انهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، گذريل ٻوڏ ۾ پاڪستان کي شديد نقصان کي منهن ڏيڻو پيو. هن نيوڪليئر سمٽ کي حوصلي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ نوان آئيڊياز سامهون آيا آهن جن جي پاڪستان حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ائٽمي توانائي سان ساڍا ٽي هزار ميگاواٽ ک??ن وڌيڪ بجلي ٺاهي رهيو آهي، گذريل سال پي ڊي ايم حڪومت چشما جي سي فائيو منصوبي جي منظوري ڏني هئي ۽ چين جي معاونت سان اسان ان منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي ??زي?? چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته نيوڪليئر سمٽ دوران شرڪت ڪندڙن چيو ته پن بجلي کانپوءِ ائٽمي توانائي متبادل توانائي آهي، پن بجلي کانپوءِ اها محفوظ ۽ گهٽ لاڳت سان تيار ٿيندڙ بجلي آهي ۽ هن وقت دنيا کي ان جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي مالياتي ادارا نيوڪليئر جي ڪري ان جي فنانسنگ نه ڪندا هئا پر هاڻي عالمي سطح تي ان بابت راءِ تبديل ٿي رهي آهي. پرڏيهي ??زي?? محمد اسحاق ڊار چيو ته مون نيوڪيلئر سمٽ جي موقعي تي چيو ته گهڻ رخي ادارن کي ان جي فنانسنگ تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي به ائٽمي توانائي ملي سگهي ۽ اهي ان جا منصوبا لڳائي سگهن. هن چيو ته سربراهه اجلاس دوران ڪيترن ئي ملڪن جي ??زي??اعظمن ۽ وفدن جي سربراهن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته عالمي مالياتي ۽ گهڻ رخي ادارن کي گهرجي ته اهي ان تجويز تي غور ڪن. هن چيو ته سندس برسلز جي دوري دوران بيلجيئم ۾ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ، ويانا ۾ پاڪستان جي سفير آفتاب کوکر ۽ سندس ٽيم تمام گهڻو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته هي دورو جيتوڻيڪ مختصر هو پر گهٽ وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي.
بيلجيئم ۽ آءِ اي اي اي جي ميزباني ۾ برلسز ۾ ٿيندڙ پهرين نيوڪليئر سمٽ ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي: پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی